راولپنڊي : فیلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ايران جي سيڪريٽري جي جي ايڇ ڪيو آمد دوران فیلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سھڪار، علائقائي ۽ خطي جي موجودہ سيڪيورٽي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
فیلڊ مارشل سيد عاصم منير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ايران سان ويجهڙائي واري سھڪار جي ضرورت تي زور ڏنو.
ايراني سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني چيو تہ هي گڏيل سھڪار علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار استحڪام قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي.