بنگلاديش جو ڀارت کان شيخ حسينہ واجد کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

ڍاڪا : بنگلاديشي عدالت پاران اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينہ کي ڦاھي جي سزا ڏيڻ واري حڪم کانپوءِ بنگلاديش ڀارت کان فوري طور حسينہ واجد کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي .

اڄ ڏينهن جسٽس محمد غلام مرتضیٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ شيخ حسينہ واجد خلاف داخل ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي، کيس انسانيت خلاف ڏوھي قرار ڏنو .

عدالت تشدد تي ڀڙڪائڻ، قتل جا حڪم ڏيڻ جي الزام هيٺ شيخ حسينہ کي عمر قيد ۽ ٻين 3 الزامن ۾ ڦاھي جي سزا ٻڌائي.

عدالت بنگلاديش جي اڳوڻي گهرو وزير اسد الزماں ڪمال کي بہ ڦاھي جي سزا جو حڪم ڏنو.

هن فيصلي بعد بنگلاديش، ڀارت ۾ پناھ وٺندڙ شيخ حسينہ واجد ۽ ڪمال جي حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي۔

بنگلاديش جي پرڏيھي کاتي ھڪ بيان ۾ تہ ڀارت، ٻنهي جوابدارن کي عدالتي فيصلي کانپوءِ فوري طور حوالي ڪري.

بنگلاديشي پرڏيھي کاتي موجب ڀارت ٻطرفي معاھدي تحت شيخ حسينہ ۽ اڳوڻي گھرو وزير کي حوالي ڪرڻ جو پابندي آھي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ٻيو ملڪن انھن ماڻھن کي جن تي انسانيت خلاف ڏوھن جا الزام ثابت ٿي چڪا آھن پناھ ڏيندو تہ اھو انتھائي غيرذميواراڻو قدم ۽ انصاف جي توھين ھوندو.

ياد رھي تہ شيخ حسينہ واجد پر تشدد مظاھرن کانپوءِ آگسٽ 2024 ۾ ڀارت فرار ٿي وئي ھئي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں