برساتون نہ پيون تہ سوڪهڙي سبب تهران خالي ڪرڻو پوندو: ايراني صدر

فہرستِ مضامین

تھران: ايراني جي صدر مسعود پزشڪيان خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏھن ملڪ ۾ جلد برساتون نہ پيون تہ تهران ۾ سخت آبي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ شهر خالي ڪرائڻو پئجي سگهي ٿو.

اولهہ ايران جي شهر سنندج جي دوري دوران ڳالهائيندي صدر پزشڪيان چيو تہ حڪومت هڪ ئي وقت معاشي، ماحولياتي ۽ سماجي بحرانن سان منهن ڏئي رھي آهي.

تهران کي پاڻي فراهم ڪندڙ مرڪزي ڊيم ۾ رڳو ٻن هفتن جو پاڻي بچيو آهي،
ايراني صدر سوڪهڙي سبب پيدا ٿيندڙ پاڻي جي بحران کي ملڪ جي سنگين ترين قدرتي چئلينجز مان هڪ قرار ڏنو.

هن چيو تہ جيڪڏھن برسات نہ پئي تہ ايندڙ مهيني تهران ۾ پاڻي جي فراهمي محدود ڪرڻي پوندي، جيڪڏھن سوڪهڙو جاري رھيو تہ اسان پاڻي کان محروم ٿي وينداسين ۽ شهر کي خالي ڪرائڻو پوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں