باڪو: وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي سرڪاري دوري دوران آذربائيجان جي صدر الھام عليوف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير به موجود ھو
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سھڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، توانائي، دفاع جي شعبن ۾ گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو۔
صدر الھام عليوف ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دوري ڪرڻ تي بہ رضامندي ظاهر ڪئي۔
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ آذربائيجان جي فتح والاريل ڪشمير ۽ فلسطيني عوام لاءِ اميد جي هڪ ڪرڻ آهي۔