اسلام آباد:( بيورورپورٽ ) وفاقي حڪومت 203 ارب رپين جي لاڳت سان 117 ڪلوميٽر ڊگهي راولپنڊي–کاريان (ايم-13) موٽروي تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت موجب هي منصوبو ملڪ جي اهم انفرااسٽرڪچر منصوبن مان هڪ آهي، جيڪو راولپنڊي، اسلام آباد، جهلم ۽ کاريان کي جديد شاهراهه ذريعي ڳنڍيندو. منصوبي سان لاهور ۽ راولپنڊي وچ ۾ سفر جو فاصلو لڳ ڀڳ 100 ڪلوميٽر گهٽ ٿيندو ۽ سفر جو وقت هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي.
منصوبي تحت ڇهن لينن واري موٽروي، ڪيترائي انٽرچينج، پل، سرنگهون ۽ جديد سهولتون تعمير ڪيون وينديون. حڪومت جو چوڻ آهي ته ان سان واپار، صنعت، ٽرانسپورٽ ۽ علائقي جي معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي، جڏهن ته موجوده جي ٽي روڊ ۽ ايم-2 موٽروي تي ٽريفڪ جو دٻاءُ به گهٽ ٿيندو.
تنهن هوندي به، هن منصوبي تي سخت تنقيد به ٿي رهي آهي. ميڊيا ۽ سياسي حلقن موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنيڪ) منصوبي کي عالمي مقابلي واري ٽينڊر ذريعي ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر هاڻي حڪومت ان کي کليل مقابلي بدران ڳالهين ذريعي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) حوالي ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي شفافيت بابت سوال اٿاريا پيا وڃن.
ناقدن جو چوڻ آهي ته ايتري وڏي مالي منصوبي کي بغير کليل ٽينڊر جي ڏيڻ سان مقابلي جو عمل متاثر ٿيندو ۽ سرڪاري خرچن ۾ شفافيت بابت خدشا پيدا ٿيندا. ڪجهه معاشي ماهرن جو خيال آهي ته ملڪ جي موجوده معاشي حالتن ۾ حڪومت کي نون وڏن منصوبن بدران تعليم، صحت ۽ پاڻي جهڙن شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ٻئي طرف حڪومت جو موقف آهي ته قومي اهميت جي هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ تيز رفتار طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته دير ٿيڻ سان منصوبي جي لاڳت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. حڪومت جو چوڻ آهي ته موٽروي مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو سفر آسان ٿيندو، پر ايندھن جي بچت، واپار ۾ واڌ ۽ علائقائي ترقي کي به هٿي ملندي.