لائیو ڪجهه اندروني ۽ بيروني عنصر قومي اتحاد کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا: ايراني صدر

فہرستِ مضامین

تهران: ايراني صدر مسعود پزشڪيان خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه اندروني ۽ بيروني عنصر ايران جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن اها ڳالهه ايران جي مذهبي مرڪز قم جي دوري دوران اعليٰ مذهبي شخصيتن، جن ۾ آيت اللھ ناصر مڪارم شيرازي سان ملاقات دوران ڪئي. اها ملاقات اهڙي وقت ٿي جڏهن آمريڪا سان جاري ڳالهين جي تناظر ۾ حڪومت لاءِ حمايت مضبوط ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

آيت الله مڪارم شيرازي کي جنگ کانپوءِ واري صورتحال ۽ سفارتي ڪوششن بابت بريفنگ ڏيندي مسعود پزشڪيان ملڪ اندر اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪجهه حلقا قومي هم آهنگي کي نقصان پهچائڻ ۽ معاهدي جي عمل کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

سندس اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن مفاهمتي يادداشت تحت واشنگٽن سان ڳالهين تي قدامت پسند حلقن طرفان تنقيد ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

صدر پزشڪيان چيو ته اميد آهي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي سان ملڪ جي معاشي ۽ سماجي مسئلن جي هڪ وڏي حصي جي حل ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

آيت الله مڪارم شيرازي جنگ ۽ ان کانپوءِ جي معاملن کي سنڀالڻ ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ تازن معاهدن جي ممڪن مثبت اثرن جو به ذڪر ڪيو، پر هن حڪومت تي زور ڀريو ته اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو دشمنن کي همٿائي سگهي.

ان کان علاوه ايراني صدر قم ۾ رهبرِ اعليٰ جي نمائندي آيت اللھ سيد محمد سعيدي سان الڳ ملاقات ڪئي، جنهن دوران مسعود پزشڪيان انهن سياسي ۽ سفارتي ڪوششن جو جائزو پيش ڪيو، جن جي نتيجي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي وارو معاهدو ٿيو.

ايراني صدر رهبرِ اعليٰ آيت اللھ مجتبيٰ خامنہ اي جي تزويراتي ۽ رهنمائي واري ڪردار کي به اجاگر ڪيو.

صدر مسعود پزشڪيان چيو ته هن معاهدي جي نتيجي ۾ لبنان ۾ نسبتاً امن ۽ استحڪام پيدا ٿيو آهي ۽ ڪجهه معاشي موقعا به سامهون آيا آهن. هن چيو ته ان جو ڪريڊٽ رهبرِ اعليٰ جي رهنمائي ۽ حڪومت جي مؤثر عملدرآمد کي وڃي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں