ڪراچي ۾ سنڌ رينجرز جي ڪيمپ تي حملي ۾ ملوث تنظيم جماعت الاحرار جي گرفتار زخمي دهشتگرد اعتراف ڪيو آهي ته هو افغانستان جي علائقي جلال آباد مان آيو هو.
گرفتار دهشتگرد ٻڌايو ته سندس نالو عثمان علي آهي ۽ ساڻس گڏ 3 ٻيا ساٿي پڻ هئا، جن جا نالا عبدالهادي، جانان ۽ عمر فاروق هئا.
گرفتار دهشتگرد موجب دهشتگرد جانان پاڪستان رينجرز جي ڪيمپ تي بم اڇلايو هو.
هن چيو ته اسان 7 ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ باجوڙ واسي عبدالهادي وٽ آيا هئاسين، جڏهن ته دهشتگرد عبدالهادي مارجي چڪو آهي.
گرفتار دهشتگرد ٻڌايو ته اسان کي هڪ تعمير ھيٺ عمارت ۾ رکيو ويو هو، حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار عبدالهادي وزيرستان مان آندو هو. جڏهن مان ڀڄي رهيو هئس ته مون کي گولي لڳي ۽ مان اتي ئي ڪري پيس.
گرفتار دهشتگرد انڪشاف ڪيو ته سندس تعلق جماعت الاحرار سان آهي، جنهن جو افغانستان ۾ ڪمانڊر احرار مولوي آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي افغانستان ۾ تربيت ڏني وئي هئي، اسان آپگھاتي جيڪيٽون پاڻ تيار ڪري سگهندا آهيون، افغانستان ۾ عمر قاري نالي شخص آپگھاتي جيڪيٽن ۽ ٻين معاملن بابت تربيت ڏني هئي. ڪراچي اچڻ کان اڳ افغانستان مان اسان لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا هئا.
دهشتگرد عثمان موجب عبدالهادي سڀ ڪجهه ڄاڻندو هو، هو اڳ به هتي اچي چڪو هو. پهرين اسان کي فوج ۽ رينجرز ۾ فرق جي ڄاڻ نه هئي، هتي اچي رينجرز بابت ٻڌايو ويو ۽ اسان کي چيو ويو ته اهي سڀ ڪافر آهن.
دهشتگرد جي بيان تي دفاعي ۽ سيڪيورٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي اعتراف ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته عبوري افغان طالبان حڪومت جي دور ۾ افغانستان جي سرزمين اهڙن دهشتگرد عنصرن جي پناهه گاهه طور استعمال ٿي رهي آهي، جيڪي پاڪستان خلاف حملن ۾ ملوث آهن.
ماهرن موجب پاڪستان ڪيترن ئي موقعن تي افغان طالبان انتظاميا کي سرحد پار دهشتگردي بابت مضبوط ۽ ناقابل ترديد ثبوت پيش ڪري چڪو آهي، پر افغان طالبان حڪومت طرفان ان حوالي سان مؤثر عملي قدم سامهون نه آيا آهن.