لائیو ميرو خان: ميروخان ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن ھڪ ئي خاندان جي 10 ڀاتين سميت  25 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو

فہرستِ مضامین

ميروخان (رپورٽ: مشتاق احمد لاشاري)  ميرو خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ۽ ڇتن ڪتن هڪ ئي خاندان جي 10 ڀاتين سميت 25 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آھي تہ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي ٽائون ۽ يونين ڪائونسلز جي انتظاميا ڪتا مار مهم شروع ڪري عوام کي ڪتن کان تحفظ فراهم ڪري.

رولو ۽  ڇتن ڪتن ڳوٺ شهبيگ چانڊيو ۾ هڪ ئي گهر جي هدايت علي، رباب، زرينا ،صبغت ﷲ ،ثمرين، سميره، آسيا چانڊيو سميت 10 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ اسپتال انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ ميروخان شهر سميت مختلف ڳوٺن ۾ حسنين کوکر، اقرا بروهي ،شهزادو ، قلب حسين سميت وڌيڪ 15 ڄڻن کي رولو ۽ ڇتن ڪتن چڪ هنيا.

اسپتال انتظاميہ موجب رولو ۽ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهلين کي تعلقه اسپتال ميروخان مان ڪتي جي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں