جنيوا:( انٽرنيشنل ڊيسڪ) عالمي صحت اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته 21 جون کان پوءِ يورپ ۾ سخت گرمي (هيٽ ويو) سبب 1,300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
ڊبليو ايڇ او موجب يورپ جا ڪيترائي ملڪ غير معمولي گرمي جي لهر جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن ڪري خاص طور تي بزرگ، ٻار ۽ اڳ ۾ بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.
اداري جي سربراهه چيو ته يورپ ۾ گهڻا گهر، ڪم جون جايون ۽ اسڪول اهڙي شدت واري گرمي کي نظر ۾ رکي تعمير ناهن ڪيا ويا، جنهن ڪري ماڻهن جي صحت کي سنگين خطرا پيدا ٿي رهيا آهن.
عالمي صحت اداري حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته هو گرمي جي لهرن کي نظر ۾ رکندي شهري منصوبابندي، عمارتن جي تعمير، صحت جي سهولتن ۽ هنگامي حفاظتي قدمن کي وڌيڪ مؤثر بڻائين، ڇاڪاڻ ته موسمي تبديلي سبب مستقبل ۾ اهڙيون شديد گرمي جون لهرون وڌيڪ عام ٿي سگهن ٿيون.