اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف ٻن ڏينھن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان پھچي ويوآھي، باڪو ايئرپورٽ تي آذربائيجان جي نائب وزيراعظم، نائب پرڏيھي وزير ۽ پاڪستاني سفير وزيراعظم شھباز شريف جي آجيان ڪئي، وزيراعظم آذر بائيجان جي يوم فتح جي 5 سالگرہ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزير اعظم اسحاق ڊار ۽ فاقي وزير عطا اللھ تارڙ سميت ٻيا شامل آھن، وزيراعظم شھباز شريف آذربائيجان جي صدر الھام عليوف جي دعوت تي باڪو ۾ ٿيندڙ يوم فتح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو.
وزیراعظم شهباز شريف صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن جو جائزو ورتو
ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، تعليم ۽ علائقائي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ سھڪار کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ بابت ڳالھيون ٿينديون….