چين 20 جاپاني تنظيمن ۽ ڪمپنين کي برآمداتي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
خبر ايجنسي موجب چيني واپار واري وزارت اهڙين شين جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جيڪي فوجي ۽ شهري ٻنهي مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون.
چيني واپار واري وزارت موجب وڌيڪ 20 جاپاني ادارن کي پڻ واچ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن کي حساس شين جي درآمد کان اڳ اضافي جاچ مان گذرڻو پوندو ۽ ضروري ضمانتون فراهم ڪرڻيون پونديون.
چيني واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته اهي قدم قومي سلامتي جي تحفظ ۽ بين الاقوامي ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن، جڏهن ته انهن پابندين سبب معمول جا واپاري لاڳاپا متاثر نه ٿيندا.
خبر ايجنسي موجب گذريل سال جاپاني وزيراعظم جي تائيوان بابت تڪراري بيان کان پوءِ چائنا ۽ جاپان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي.
رپورٽ موجب جاپاني وزيراعظم چيو هو ته جيڪڏهن تائيوان تي حملو ٿيو ته ٽوڪيو فوجي ردِعمل ڏئي سگهي ٿو.
انهيءَ تناظر ۾ فيبروري دوران به چائنا ڪيترين ئي جاپاني ڪمپنين تي برآمداتي پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي، جن بابت بيجنگ جو موقف هو ته اهي جاپان جي فوجي صلاحيتن ۾ واڌ آڻڻ واري سرگرمين ۾ ملوث آهن.