ڪراچي: گل پلازا سانحي جي جاچ رپورٽ ۾ واقعي کي حادثاتي قرار ڏنو ويو آهي.
ڪراچي پوليس گل پلازا سانحي ڪيس جي چالان سان گڏ جاچ رپورٽ پراسيڪيوشن وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ذريعن موجب گل پلازا جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي چالان جو حصو نه بڻايو آهي.
گل پلازا جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فرانزڪ رپورٽ مان اها تصديق ٿي چڪي آهي ته باهه حادثاتي هئي، تنهن هوندي به پوليس ڪيس ۾ دڪاندار نعمت الله ۽ سندس 11 ورهين جي پٽ حذيفه کي جوابدار نامزد ڪيو آهي.
جاچ رپورٽ موجب ڪيس ۾ گل پلازا ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جنرل سيڪريٽري محمد امين ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس سڀني جوابدارن کي مفرور قرار ڏنو آهي.
جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي نتيجي ۾ 72 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته 4 لاشن جا باقيات اڃا تائين ڪنهن به حاصل نه ڪيا آهن. پنجاب فرانزڪ ليب جي رپورٽ موجب واقعي واري هنڌ تان ڪنهن به قسم جو ڌماڪيدار مواد نه مليو.
جاچ رپورٽ موجب گل پلازا ۾ باهه دڪان نمبر 193 مان شروع ٿي. دڪاندار نعمت الله دڪان اڪثر پنهنجي 11 ورهين جي پٽ حذيفه جي حوالي ڇڏي هليو ويندو هو. حذيفه طرفان ماچس جون تيليون ٻاري اڇلائڻ سبب مصنوعي گلن کي باهه لڳي، جنهن ڪري نعمت الله ۽ حذيفه کي غفلت ۽ لاپرواهي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.
جاچ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نابالغ ٻار کي دڪان تي ڪم ڪرڻ کان نه روڪڻ مارڪيٽ يونين جي غفلت هئي. باهه لڳڻ کان پوءِ مارڪيٽ يونين طرفان هنگامي اطلاع يا مدد طلب نه ڪئي وئي. گل پلازا جا سڀ گيٽ بند هئا ۽ يونين طرفان وقت سر گيٽ نه کوليا ويا، جنهن سبب ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش آيون. رپورٽ موجب دروازا بند هجڻ انتظاميا جي غفلت هئي.
جاچ رپورٽ مطابق يونين صدر تنوير پاستا ڪي-اليڪٽرڪ کي فون ڪري بجلي بند ڪرائي هئي، جڏهن ته اوندهه ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو مارڪيٽ جي اندر ڦاسي پيا هئا.