لائیو قطر ۾ منجمد 12 ارب ڊالرن جي اثاثن مان 6 ارب ڊالر جاري ڪيا ويندا: ايراني صدر

فہرستِ مضامین

ايراني صدر مسعود پزشڪيان دعويٰ ڪئي آهي ته قطر ۾ منجمد ايراني اثاثن مان 6 ارب ڊالرن جا فنڊ جلد جاري ڪيا ويندا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مجموعي طور 12 ارب ڊالرن جي رقم مان اڌ رقم واپس ايران منتقل ڪئي ويندي.

ايراني صدر چيو آهي ته اها اڳڀرائي موجوده ڳالهين ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ باوجود سامهون اچي رهي آهي، جڏهن ته هن اهو به تسليم ڪيو ته صورتحال لاڳيتو تبديل ٿي رهي آهي ۽ معاملن تي اڳڀرائي جو عمل جاري آهي۔

ٻئي پاسي آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته هينئر تائين ايران جي ڪنهن به منجمد اثاثي جي منتقلي عمل ۾ نه آئي آهي.

هوڏانهن خليجي علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، جتي ايران طرفان بحرين ۽ ڪويت تي ڊرون ۽ ميزائل حملن جون رپورٽون سامهون آيون آهن.

ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي حملا جاري رهيا ته ڳالهيون مڪمل طور تي روڪيون وينديون، جنهن سبب خطي ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں