لائیو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن هاڪاري رجحان ڏٺو پيو وڃي۔

شيئرز مارڪيٽ ۾ واپار دوران 100 انڊيڪس ۾ 483 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انڊيڪس ھڪ لک 80 هزار 54 پوائنٽن تي پهچي ويو.

اڄ هيل تائين ٿيندڙ واپار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 79 هزار 158 پوائنٽن جي هيٺين سطح تائين آيو، جڏهن ته ھڪ لک 80 هزار 92 پوائنٽن جي بلند سطح تائين پڻ پهتو.

واضح رهي ته گذريل هفتي ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 79 هزار 571 پوائنٽن تي بند ٿيو هو۔

ھوڏانھن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 2 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 18 پئسا ٿي ويو آهي۔

ياد رهي ته 24 جون تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 20 پئسا تي بند ٿيو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں