پرڏيھي ترجمان چيو آهي تہ استنبول ۾ افغان طالبان سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، ھن وقت ڪا بہ ڊيڊ لاڪ ناھي، افغان زمين لڳاتار پاڪستان خلاف استعمال ٿي رھي آهي ۽ افغانستان طرفان ٿيندڙ حملن ۾ بيگناهہ ماڻهو نشانو بڻجي رھيا آهن.
هفتيوار بريفنگ دوران ڳالهائيندي پرڏيھي ترجمان طاهر اندرابي چيو تہ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ هن وقت ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، ڳالھين ۾ ڪا بہ ڊيڊ لاڪ ناھي.
ھن چيو تہ افغانستان جي زمين لڳاتار پاڪستان خلاف استعمال ٿي رھي آهي، افغانستان طرفان ٿيندڙ حملن ۾ بيگناهہ ماڻهو نشانو بڻجي رھيا آهن، افغانستان مان دهشتگرد پاڪستان طرف منظم ٿي حملا ڪن ٿا، پاڪستان جو بنيادي مطالبو آهي تہ افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال نہ ٿيڻ گھرجي.
هن ٻڌايو تہ گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ استنبول ۾ ڳالهين جي شرعات ٿي، اهي ڳالهيون ٽياڪڙِي ڪندڙن جي موجودگي ۽ نگراني هيٺ جاري آهن۔
ترجمان چيو تہ پرڏيھي کاتي جي نمائندگي لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري سيد علي اسد گيلاني استنبول ۾ ڳالهين واري وفد جو حصو آھي، جڏھن تہ قومي سلامتي جا صلاحڪار ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ بہ ڳالهين واري وفد جي سربراهي ڪري رھيو آھي.
پرڏيھي ترجمان موجب افغانستان سان ٿيندڙ سرحدي تڪرار بابت پاڪستان ثبوتن تي ٻڌل مطالبا ٽياڪڙي ڪندڙن جي حوالي ڪيا آھن.
هن ٻڌايو تہ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معلومات مصنفاڻي ۽ فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل آھي، اسان جا مطالبا نهايت سادا، واضح، منصفاڻي ۽ ثبوتن تي ٻڌل آهن، ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ ۽ نتيجن تائين اسين ڪو بہ بيان يا تبصرو نہ ڪنداسين.
ترجمان چيو آهي تہ ڳالهين دوران ٽياڪڙي ڪندڙن پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ٿيندڙ ڪنهن بہ قسم جي بيان تي ڌيان نہ ڏنو وڃي، پاڪستان جو موقف واضح آهي تہ افغان زمين دهشتگردي لاءِ استعمال نہ ٿيڻ گهرجي….