اسلام آباد : سينيٽ جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، 27هين آئيني ترميم ايجنڊا ۾ شامل ناهي، آئيني ترميم جو مسودو ضمني ايجنڊا طور پيش ٿيڻ جو امڪان آهي۔
سينيٽ اجلاس جي 13 نقطن جي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم شامل ناهي۔
ساڳي طرح سينيٽ کان پوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران اجلاس جي 14 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي، 27هين آئيني ترميم قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ بہ شامل نہ آھي.
جڏھن تہ وفاقي حڪومت 27 ھين آئيني ترميم جي مسودي تي غور لاءِ ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ ھائوس ۾ طلب ڪيو آھي، ذريعن موجب اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران تيار ڪيل ترميم بل پيش ڪيو ويندو، جنھن جي منظوري کانپوءِ ان کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.
آئينِ جي آرٽيڪل 239 موجب، ڪنهن بہ آئيني ترميم جي منظوري لاءِ سخت آئيني طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي، سينيٽ ۾ مسودي تي بحث کانپوءِ بِل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو، جتي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل ڪميٽين جي اجلاس ۾ ترميم جي منظوري حاصل ڪئي ويندي۔