وزيراعظم شهباز شريف پاران وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم کي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جو امڪان آھي۔
ذريعن موجب اجلاس دوران ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويندو، جڏھن تہ اهم آئيني معاملا بہ ايجنڊا جو حصو هوندا۔
تجويز ڪيل ترميم تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن جي نئين ورھاست، اعليٰ عدليہ ۾ سڌارا ۽ ھٿياربند فوجن جي ڪمانڊ ڍانچي ۾ تبديليون شامل آهن۔
اجلاس ۾ موجودہ معاشي چئلينجز، توانائي شعبي ۾ سڌارن ۽ عوامي رليف قدمن تي بہ غور جو امڪان آھي.
ڪابينا جي منظوري کانپوءِ 27هين آئيني ترميم جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، ان کاسواءِ اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت، توانائي۽ گھرو وزارت پاران بہ اهم سمريون پيش ڪرڻ جو امڪان آهي، وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل وزارتن کان هلندڙ منصوبن جي اڳڀرائي بابت بريفنگ پڻ وٺندو…….