برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جي جي ايڇ ڪيو آمد، فيلڊ مارشل سان ملاقات

فہرستِ مضامین

برطانوي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل سرچارلس رولينڊ ونسنٽ واڪر جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪستاني فوج جي سربراهہ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ ٻہ طرفي دلچسپي وارا معاملن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،  ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم رکڻ لاءِ گڏيل سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

دوري تي آيل معزز مهمان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين ۽ ڪاميابين کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي۔

ان کان اڳ، جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي جنرل چارلس واڪر شهيدن جي يادگار تي گل رکيا، مهمان شهيدن کي ڀيٽا ڪئي، بعد ۾ کيس پاڪ فوج جي دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں