مشاورت بعد 27هين ترميم جو جيڪو مسودو تيار ٿيندو، اهو سامهون آندو ويندو: خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجہ آصف افغانستان جي حڪومت کي خطي ۾ امن لاءِ دانشمندي سان فيصلا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آھي تہ هن چيو تہ پاڪ–افغان ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي اميد ھوندي آھي تہ تڏھن ڳالھيون ڪيون وينديون آھن.

دفاع واري وزير خواجہ آصف پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ نٿو چئي سگهجي تہ ڪهڙا بحث هلي رھيا آهي، ڪجهہ اعتراض ڪيا ويا آهن، تنهنڪري ان تي تبصرو ڪرڻ مناسب ناھي۔

27 هين آئيني ترميم جي معاملي تي هن چيو تہ ايندڙ هفتي آئيني ترميم جي ڪا نہ ڪا صورت سامهون اچي ويندي، بلاول ڀٽو جو حق آهي هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي ٿو۔

خواجہ آصف چيو تہ سڀني پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ جيڪو نتيجو نڪرندو اھو سامھون آندو ويندو .

افغانستان سان ڳالهين بابت هن چيو تہ پاڪ–افغان ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي اميد ھوندي آھي تڏھن ڳالھيون ڪندا آھيون، جيڪڏھن اڳڀرائي جو امڪان نہ ھجي تہ پوءِ ڳالھيون وقت ضايع ڪرڻ آھي.

خواجہ آصف چيو تہ پاڪستاني وفد استنبول روانو ٿي ويو آهي ۽ سڀاڻي ڳالهين جو آغاز ٿيندو، افغانستان وارن کي خطي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ سمجهداري سان قدم کڻڻ گهرجن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں