27 ھين ترميم سولائي سان منظور ٿي ويندي: سينيٽر فيصل واوڊا

فہرستِ مضامین

اسلام اباد:  سينيٽر فيصل واوڊا چيو آھي تہ 18 ھين ترميم واپس نہ پئي ٿئي، نمبرز پورا آھن، 27 ھين ترميم سولائي سان منظور ٿي ويندي.

سينيٽر فيصل واوڊا مولانا فضل الرحمان جي رھائشگاھ پھچي ساڻس ملاقات ڪئي.

ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي فيصل واوڊا چيو تہ مولانا فضل الرحمان سان نمبرز تي نہ پر آئيني شقن بابت ڳالھيون ٿيون آھن.

ھن چيو تہ ملڪي بقا لاءِ مولانا فضل الرحمان جو ساٿ ضروري آھي، فضل الرحمان وڏو ۽ مضبوط سياستدان اھو ترميم جي معاملن کي ڏسندو ۽ سمجھندو.

فيصل واوڊا چيو تہ 27 ھين ترميم منظور ٿيندي نظر اچي رھي آھي، 18 ترميم کي ختم نہ پيو ڪيو وڃي.

ھن چيو تہ اوھان 27هين ترميم لاءِ لاءِ  بي تاب آهيو، مان تہ 28هين ترميم جي تياري ڪري رھيو آهيان، جيئن جيئن ملڪ ترقي ڪندو، تيئن تيئن ترميمن بہ اينديون رھنديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں