قطر جي امير پاران پاڪ سعودي معاھدي جي آجيان، ايندڙ سال پاڪستان جي دوري جو اعلان

فہرستِ مضامین

قطري امير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي کي سٺو سنئوڻ ۽ وقتائتو قدم قرار ڏئي ڇڏيو.

صدر آصف علي زرداري قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان دوحا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستاني سفير بہ موجود هئا.

صدر قطري امير کي پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو.

پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏھن ته قطري امير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي کي سٺو سنئوڻ ۽ وقتائتو قدم قرار ڏنو

صدر آصف علي زرداري دوحا ۾ ڳالهين جي ميزباني ۽ افغانستان بابت ڪردار کي ساراهيو، جڏھن تہ قطري امير اميد ظاهر ڪئي تہ پاڪستان ۽ افغانستان مسئلا حل ڪندا.

صدر دفاع، زراعت ۽ غذائي تحفظ ۾ سهڪار وڌائڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي قطري امير راضپو ظاهر ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور رابطن جي هدايت ڪئي.

پڌرائيءَ موجب صدر قطري امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن قبول ڪيو ۽ ايندڙ سال جي منڍ ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں