اسلام آباد: اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اعلان ڪيو آهي تہ 27هين آئيني ترميم کي منظور نہ ٿيڻ ڏني ويندي ان جا انتهائي نقصان ٿيندا ۽ ملڪ جي بنيادن کي نقصان پهچندو.
تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي صدر محمود خان اچڪزئي جي صدارت ۾ هڪ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي بحث ٿيو، بعد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي اسد قيصر چيو تہ اڄ اسان هنگامي اجلاس طلب ڪيو هو.
هن چيو تہ 27هين آئيني ترميم جو باڪس کوليو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ٽويٽ بہ پريشان ڪندڙ آهي، پيپلز پارٽي پڻ انهي ٽوپي ڊرامي ۾ شامل آهي، ان جو فيصلو اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، اهو رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.
اسد قيصر چيو تہ هڪ پ پ هئي ذوالفقار علي ڀٽو واري، جنهن آئين جي بنياد وڌو، ٻي بينظير ڀٽو واري، جنهن جمهوريت لاءِ جان ڏني، اڄ بہ پ پ جمهوريت کي دفن جي ڪوشش ڪري رھي آھي.
ان موقعي تي اڳوڻي سينٽر مصطفى نواز کوکر چيو تہ ڪجهہ عرصي کان هن ملڪ ۾ جبر جو نظام لاڳو آهي، شھرين کي آئيني حق نہ پيا ملن.
اڳوڻي گورنر زبير عمر چيو تہ ميان نواز شريف کي گزارش ڪندس تہ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم تي رڳو هڪ بيان ڏئي ڏئي، اميد آهي تہ هو ان سان اختلاف ڪندو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ترميم کان روڪيندو…