اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آھي تہ 27 آئين ترميم جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي
سينيٽ اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو تہ آئيني ترميم پيراشوٽ ذريعي نہ پئي آندي وڃي، 27 ھين آئيني ترميم حڪومت ئي آڻي رھي آھي، آئين ۽ قانون موجب پيش ڪئي ويندي
ھن چيو تہ 27 آئيني ترميم رولز موجب اسٽينڊنگ ڪميٽيز ڏانھن ڏيندي ۽ ھو يقين ڏياري ٿو تہ 27 ھين آئيني ترميم تي باقاعدہ بحث ٿيندو.
ھن چيو تہ حڪومت کي درخواست ڪندس تہ ھن ڀيري ترميم کي پھريان سينيٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.
اسحاق ڊار چيو تہ آئيني ترميم تي سڀ کان وڏي اتحادي پيپلز پارٽي سان مشاورت ڪئي آھي، ٻين اتحادين کي بہ اعتماد ۾ وٺنداسين، سمورو عمل شفاف طريقي سان ڪيو ويندو.
اسحاق ڊار چيو تہ 27هين آئيني ترميم کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي تہ جيئن ان تي ڳالهہ ٻولهہ ٿي سگهي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت ڪميٽين جي ميمبرن کي بہ گھرايو وڃي، ٻنھي ڪميٽين جا ميمبر ھڪ ھنڌ ويھي 27 آئيني ترميم تي بحث ڪري وٺندا.
هن چيو تہ بلاول ڀٽو جي ٽويٽ ڏٺي آهي، جن ڳالهين جو هن ذڪر ڪيو آهي انهن تي بحث ٿيو آهي.