قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ڀارتي حمايتي 4 دھشتگرد مارجي ويا آھن
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڀارتي حمايتي يافتہ دھشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا، سندن قبضن مان هٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.