تجويز ڪيل آئيني ترميم جي منظوري 18ھين ترميم جي خاتمي برابر ھوندي: رضا رباني

فہرستِ مضامین

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آھي تہ آئين ۾ تجويز ڪيل ترميم جيڪڏھن منظور ٿي تہ اھا 18 ھين ترميم جي خاتمي برابر ھوندي.

رضا رباني پنهنجي بيان ۾ چيو تہ وفاقي حڪومت طرفان صوبائي خودمختياري سان لاڳاپيل تجويز ڪيل آئيني ترميمون اصل ۾ 18 ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهن.

2010 ۾ منظور ڪيل 18 آئيني ترميم ذريعي صوبن جا خدشا ختم ڪري ڪيترن ئي وفاقي وزارتن ۽ کاتن کي صوبن حوالي ڪيو ويو هو، جن ۾ تعليم ۽ آبادي وارا کاتا بہ شامل هئا۔

هن خبردار ڪيو تہ موجودہ نازڪ سياسي حالتن ۾ صوبائي خودمختياري سان ڇيڙ ڇاڙ وفاق تي گهرا اثر ڇڏي سگهي ٿي۔

رضا رباني جو چوڻ هو تہ 18 ھين ترميم شدت پسند قوم پرستن کي سياسي بحث مان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو ۽ تجويز ڪيل تبديليون انهن کي ٻيهر غير آئيني سرگرمين ڏانهن راغب ڪري سگهي ٿيون۔

هن وڌيڪ چيو تہ صوبن حوالي ڪيل وزارتن کي واپس وٺڻ وفاقي حڪومت لاءِ مالي بار بڻجندو ۽ مالي اختيار واپس وٺڻ وفاقي اصولن جي ابتڙ هوندو۔

هن تجويز ڏني تہ جيڪڏھن وفاقي حڪومت پنهنجا مالي معاملا سنڀالي نٿي سگهي، تہ صوبن کي سڀ ٽيڪس جمع ڪرڻ ۽ وفاقي خرچ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ذريعي پورو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں