27هين آئيني ترميم جي مسودي تي اڃا تائين ڪو ڪم شروع نہ ٿيو آهي: بئريسٽر عقيل ملڪ

فہرستِ مضامین

قانون بابت مملڪتي وزير، بيرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي تہ 27 ھين آئيني ترميم جي مسودي تي اڃا تائين ڪو ڪم شروع نہ ٿيو آهي، پر اڪثر وقتن تي ان بابت ڳالهہ ٻولهہ ضرور ٿيندي رھي ٿي.

خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي بيرسٽر عقيل چيو تہ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جو مقصد، معرڪہ حق ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي کانپوءِ آرمي چيف کي ڏنل فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئين ۾ شامل ڪرڻ ۽ ان کي تحفظ ڏيڻ آهي.

هن چيو تہ دهشتگردي ۽ انتها پسندي سميت ٻين اهم مسئلن بابت آگاهي لاءِ مرڪزي تعليمي نصاب جو هجڻ ضروري آهي۔ بيرسٽر عقيل جو چوڻ آهي تہ آئيني عدالتن جو قيام بہ 26ھين ترميم جو حصو هو، ۽ هن معاملي تي هاڻي بہ ڳالهہ ٿي آهي، هن وڌيڪ چيو تہ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ مرڪزي سوچ جو هجڻ تمام ضروري آهي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں