چمن بارڊر تان ھڪ ڏينھن دوران 10 ھزار 700 افغان پناھگيرن کي افغانستان واپس موڪليو ويو

فہرستِ مضامین

پاڪستان مان افغان مھاجرن جي ڏيھ واپسي جو سلسلو جاري آھي، انھي سلسلي موجب چمن بارڊر تان ھڪ ڏينھن دوران 10 ھزار 700 افغان مھاجرن کي افغانستان واپس موڪليو ويو.

ذريعن ٻڌايو آھي تہ افغان مھاجرن جي واپسي چمن بعد اڄ کانپوءِ طورخم سرحد کان بہ شروع ٿي وئي آھي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ ھن وقت تائين تقريبن 15 لک 60 ھزار افغان مھاجرن جي وطن واپسي ٿي چڪي آھي، افغان پناھگيرن جي واپسي قانوني طريقيڪار تحت ڪئي پئي وڃي ۽ ھر شخص جي دستاويزن جي تصديق کانپوءِ ئي سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي.

خيبر ضلعي جي ڊي سي موجب طورخم سرحد رڳو افغان پناھگيرن جي بي دخلي لاءِ کولي وئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں