افغان طالبان، ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي افغانستان ۾ موجودگي تسليم ڪئي آھي: پاڪستان

فہرستِ مضامین

پاڪستان چيو آھي تہ ڳالھين ۾ افغان طالبان حڪومت پابندي مڙھيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دھشتگردن تنظيمن جي موجودگي کي تسليم ڪيو آھي ۽ افغان اختيارين ان تنظيمن خلاف ڪارروائي نہ ڪرڻ جا مختلف جواز پيش ڪيا آھن.

پرڏيھي کاتي جي ترجمان ھفتيوار بريفنگ ۾ چيو تہ حساس نوعيت جي ڳالھين تي ھر منٽ تبصرو ممڪن ناھي، پرڏيھي کاتي کي محتاط رھڻ جو حق حاصل آھي ۽ ھي حق استعمال ڪيو ويو.

ھن چيو تہ استنبول ڳالھين ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل ھئا، ڳالھين ۾ سمورن اھم معاملن تي گفتگو ٿي، 6 نومبر جي ايندڙ دور ۾ ڳالھين جا گڏيل تفصيل سامھون ايندا ۽ ڳالھين ۾ ھاڪاري اڳڀرائي جاري آھي، ھي حساس ڳالهيون آهن، جن ۾ صبر ۽ بردباري جي ضرورت آهي.

پرڏيھي ترجمان موجب سفارتڪاري ۾ اميد برقرار رکڻ ضروري آهي، ميزبان ملڪ جو بيان ڳالهين جو تعارفي نوٽ هو، ميزبان پرڏيھي کاتي جو بيان ڳالهين جي تفصيلن تي ٻڌل نہ هو، لکت جي خاطرين جو معاملو ڳالھين جو حصو آھي، ڳالھين جي ايندڙ دور ۾ اڳڀرائي جو واضح اندازو ٿيندو.

پرڏيھي ترجمان موجب طالبان حڪومت پابندي مڙھيل ٽي ٽي پي ۽ ٻين دھشتگرد تنظيمن جي موجودگي کي تسليم ڪيو آھي، افغان اختيارن ان تنظيمن خلاف ڪارروائي نہ ڪرڻ جا مختلف جواز پيش ڪيا آھن، افغان سرزمين تي دھشتگرد عنصرن جي موجودگي پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن کي وڌائي ٿي.

ھن وڌيڪ چيو تہ ڳالهين ۾ اعليٰ سطح جي نمائندگي جو امڪان آهي، في الحال وفد جي قيادت بابت ڪو حتمي فيصلو نہ ٿيو آهي، جنگبندي برقرار آهي، اميد آهي تہ جنگبندي جي معاهدي تي مڪمل عمل ٿيندو..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں