ڪوالامپور: آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ 10 سالن تي ٻڌل دفاعي فريم ورڪ معاھدي تي صحيحون ٿيون آھن
آمريڪي جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي تہ آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ 10 سالن تي ٻڌل دفاعي سهڪار جي فريم ورڪ تي صحيحون ٿي ويون آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهہ سان ملاقات بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ اِهو قدم ٻنهي ملڪن جي دفاعي ڀائيواري ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جيڪا علائقائي سلامتي ۽ ڊيٽرنس لاءِ پيڙھہ جي پٿر جي حيثيت رکي ٿي.
پيٽ هيگسيٿ موجب، آمريڪا ۽ ڀارت ”هم خيالي، ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار وڌائيندو ۽ ٻنهي ملڪن جا دفاعي لاڳاپا ڪڏھن بہ ايترا مضبوط نہ رھيا آهن جيترا هاڻي آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڀارت آمريڪي فوجي سامان خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ان معاملي تي ڳالهين جو امڪان آهي.
آمريڪي جنگ واري وزير جمعي ڏينهن ملائيشيا ۾ ٿيندڙ آسيان دفاعي اجلاس ۾ ڀارت ۽ چين جي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون.
پيٽ هيگسيٿ ايڪس تي لکيو تہ آمريڪا چين کي واضح ڪيو آهي تہ اسان پنهنجي مفادن جو سختي سان دفاع ڪنداسين هن تڪراري ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ تائيوان جي چوڌاري چين جي سرگرمين تي بہ ڳڻتي ظاهر ڪئي
ٻئي پاسي ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهہ چيو آهي تہ آمريڪا سان دفاعي ڀائيواري جي نئين دور جي شروعات ٿي رھي آهي.
راج ناٿ سنگهہ موجب، هي دفاعي فريم ورڪ ظاهر ڪري ٿو تہ ٻنهي ملڪن جي حڪمتِ عمليءَ ۾ هم خيالي آهي
هن وڌيڪ چيو تہ اسان جي گڏيل لاڳاپن جي سڀ کان وڏي بنياد دفاع رھندو.