وزیراعظم شهباز شريف دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ خيبَرپختونخوا سميت سڀني صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
چترال ۾ دانش اسڪول جي تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تہ اسان کي امن ۽ اتحاد جو ثبوت ڏيڻ گهرجي، سياست ضرور ڪريو، پر ملڪ جي ترقي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ ٿيڻ گهرجي.
هن چيو تہ سهيل آفريدي کي خيبَرپختونخوا جو وڏو وزير ٿيڻ تي فون ڪري مبارڪباد ڏني ۽ سھڪار جي آڇ ڪئي، اميد آهي تہ هو سندس آڇ قبول ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف معرڪہ حق ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ پاڪ فوج جي بهادري جي ساراھ ڪئي ۽ جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا مڃيا.
شھباز شريف چيو تہ ھو چترال جي خوبصورت علائقي ۾ آيو آهيان، خيبَر پختونخوا جي عوام بھادر ۽ غيرتمند آھي، جن پاڪستان لاءِ وڏي قربانيون ڏنيون آھن.
ھن چيو تہ چترال وارن جي حب الوطني مثالي آهي، ھن پاڪستان جي ترقي لاءِ عظيم ڪوششون ڪيون آهن، چترال جو عوام مهذب ۽ پرامن آھي ۽ هتي اچڻ تي خوشي ٿي آهي.
شهباز شريف چيو تہ پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين، پاڪستان کي الله تعاليٰ ڪيترن ئي معدني وسيلن سان نوازيو آهي.
هن چيو تہ نوجوانن کي اعليٰ تعليم ڏياري ملڪ جو اثاثو بڻائينداسين ۽ چترال جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ليپ ٽاپ پڻ ڏنا ويندا.
وزیراعظم شهباز شريف چترال ۾ اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو تہ اسلام آباد پھچي چترال ۾ گئس پلانٽ جو آرڊر جاري ڪندو ۽ فورن گئس پلانٽ لڳايو ويندو.