پاڪستان ملڪ اندر افغان سرزمين مان دھشتگردي برداشت نہ ڪندو: فيلڊ مارشل عاصم منير

فہرستِ مضامین

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آھي تہ پاڪستان ملڪ اندر افغان سرزمين مان دھشتگردي برداشت نہ ڪندو، ھو افغانستان سميت پاڙيسري ملڪن سان امن چاھين ٿا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو، جنھن دوران ھن قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پاڪ-افغان سرحد جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، کيس  ڪور ھيڊ ڪوارٽر پشاور ۾ خطي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي بہ آگاھي ڏني وئي.

آرمي چيف سيد عاصم منير جرڳي کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڪ-افغان ڇڪتاڻ دوران قبائلي عوام جي سھڪار جي واکاڻ ڪئي.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير دھشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام جي قربانين جي بہ واکاڻ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب سيد ماصم منير چيو تہ پاڪستان افغان سرزمين تان دھشتگردي برداشت نہ ڪندو، ھو افغانستان سميت پاڙيسري ملڪن سان امن چاھين ٿا.

فيلڊ مارشل چيو تہ گذريل ڪجھ سالن دوران پاڪستان افغانستان سان لاڳاپا بھتر بڻائڻ لاءِ سفارتي ۽ معاشي قتل کنيا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان خاص طور تي ڪي پي کي دھشگردن ۽ سندن سھولتڪارن کان مڪمل طور تي پاڪ ڪيو ويندو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب قبائلي اڳواڻن آرمي چيف جي واضح موقف کي ساراھيو ۽ خاطري ڪرائي تہ خيبرپختونوا جي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آھن، فتنہ الخوارج جي گمراھ ڪندڙ سوچ کي پذيرائي نہ پئي ملي.

آءِ ايس پي آر موجب قبائلي اڳواڻن دھشتگردي خلاف پاڪ فوج جي مڪمل حمايت واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ افغان طالبان خلاف بہ واضح موقف اختيار ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں