خيبرپختونخواھ جي ضلعي باجوڙ ۾ سڪيورٽي فورسز فتنہ الخوارج جي درانداز واري ڪوشش ناڪام بڻائيندي چئن دھشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب فتنہ الخوارج جي دھشتگردن 29 ۽ 30 آڪٽوبر واري رات باجوڙ ۾ پاڪ افغان سرحد تي درانداز جي ڪوشش ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ سڪيورٽي فورسز دھشتگردن جي دراندازي ڪوشش ناڪام بڻائيندي چئن دھشتگردن کي ماريو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ مارجي ويل دھشتگردن ۾ انتھائي گھربل خرج امجد عرف مزاحم شامل ھو، مارجي ويل خارجي امجد خوارج ڪمانڊر نور ولي جو نائب تصور ڪيو ويندو ھو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب خارجي ڪمانڊر امجد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گھربل ھو، حڪومت سندس سِر جي قيمت 50 لک رپيا مقرر ڪئي ھئي.