گيونگجو: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير کي زبردست فائٽر قرار ڏنو آھي.
ڏکڻ ڪوريا ۾ ايپڪ سي اي او سيشن دوران ڳالھائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ٻئي تمام سٺا ماڻھو آھن، فيلڊ مارشل ھڪ زبردست فائٽر پڻ آھي.
آمريڪي صدر چيو تہ جنگ دوران پاڪستان ڀارت جا 7 جهاز ڪيرايا، جيڪو اهم آھي ڇو جو ٻئي ملڪ ايٽمي طاقتون آهن.
ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان-ڀارت جنگ ۾ پنهنجي اثر و رسوخ جو ذڪر ڪندي چيو ته هن وزيراعظم مودي کي فون ڪري چيو ته اسان توهان سان واپار نہ ڪنداسين، مودي کي چيو ته توهان پاڪستان سان جنگ ڪري رھيا آھيو، پاڪستان کي پڻ فون ڪري چيو ته توهان سان به واپار نه ڪنداسين ڇو ته توهان ڀارت سان جنگ ڪري رهيا آهيو.
آمريڪي صدر چيو ته ٻن ڏينهن اندر ٻنهي ملڪن فون ڪري چيو ته جنگبند ڪئي آھي، ڇا اهو حيرت ڏياريندڙ ناهي؟ ڇا بائيڊن ايئن ڪري سگھي ٿا؟مون کي سٺو لڳو ڇو ته اسان لکين ماڻهن جون زندگيون بچائيون.
ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن جنگبندي نہ ٿئي ھا پاڪستان ۽ ڀارت تي 250 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيان ھا، 250 سيڪڙو ٽيڪس جو مطلب ٻئي ملڪ ڪڏھن بہ ڪاروبار نہ ڪري سگھن ھا.