ايراني صدر سان محسن نقوي جي ملاقات، پاڪ-افغان ڇڪتاڻ گھٽائڻ ۾ سھڪار جي آڇ

فہرستِ مضامین

ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد جي آڇ ڪئي آھي.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، تهران ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ–ايران لاڳاپن ۽ ٻطرفي سھڪار تي تفصيلي ڳالهه ٻولھ ڪئي وئي.

ملاقات دوران محسن نقوي، ايراني صدر کي پاڪ–افغان سرحد جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ان موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي.

محسن نقوي، ايراني صدر جي سھڪار واري آڇ تي ٿورا مڃيندي وزيراعظم شهباز شريف جو پيغام پهچايو، هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪري رھيا آھن.

صدر مسعود پزشڪيان چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڪنهن بہ تڪرار کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايران، پاڪستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ پاڪستان جي ڀائراڻي سھڪار کي ڪڏھن وساري نہ سگهنداسين.

ايراني صدر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو تہ ايران ۽ پاڪستان وٽ سھڪار وڌائڻ جا بيشمار موقعا موجود آهن.

ان کان اڳ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني ۽ ايراني هم منصب سڪندر مومني سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن ۾ پاڪ–ايران لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ بابت ڳالهيون ٿيون.

ٻنهي ملڪن جي گهرو وزيرن اندروني سلامتي جي معاملن تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

محسن نقوي، ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني کي اي سي او وزارتي ڪانفرنس منئقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو اجلاس ميمبر ملڪن لاءِ اهم نتيجا پيدا ڪندو۔

هن چيو ته پاڪستان، ايران سان سيڪيورٽي ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ سھڪار وڌائڻ چاهي ٿو، ھن ايراني هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آھي.

سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ايران جي نمائندن چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اڳڀرائي سٺو سنوڻ  آهي.

ايراني گهرو وزير، اي سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت تي محسن نقوي جا ٿورا مڃيا، هو جلد اسلام آباد جو دورو ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں