اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو پاران غزا تي وڏي حملي جو حڪم

فہرستِ مضامین

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو حماس تي امن معاھدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي پنھنجي فوج کي غزا تي وڏي حملي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

پرڏيھي ميڊيا موجب ھي بيان اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس کان جاري ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو حماس تي معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ اسرائيلي فوجين تي حملو ڪرڻ جا الزام لڳايا آھن، اسرائيلي ميڊيا بہ ان بيان جي تصديق ڪئي آھي.

ٻئي پاسي غزا جي سرڪاري ميڊيا جو چوڻ آھي تہ جنگبندي جي ڀڃڪڙي پاڻ اسرائيل  پاران ڪئي وئي، 10 آڪٽوبر جي امن معاھدي کانپوءِ ھيل تائين اسرائيلي فوج 125 ڀيرا معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنھن ۾ 94 فلسطيني شھيد شھيد ٿيا.

انھي حوالي سان عرب ميڊيا جو چوڻ آھي تہ جنگبندي باوجود سموري غزا ۾ ڌمڪانن ۽ ڊورنز جا آواز ٻڌا ويندا آھن، آڪٽوبر 2023ع کان شروع ٿيل جنگ ۾ تقريبن 68 ھزار 527 ماڻھو مارجي ويا آھن ۽ لکين ماڻھو زخمي ٿي چڪا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں