استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالھين جو ٽيون دور ٿيو، افغان طالبان جي ھوڏ سبب معاملو ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويو آھي.
استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جاري ڳالھين جو ٽيون دور 18 ڪلاڪن جي ڳالھ ٻولھ بعد ختم ٿي ويو.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ ڳالھين دوران افغان طالبان وفد پاڪستان جي خوارج ٽي ٽي پي ۽ دھشتگردي خلاف ڪارروائي جي پاڪستاني مطالبي کي ڪيترا ئي ڀيرا حتمي ۽ جائز قرار ڏنو، ٽياڪڙي ڪندڙن جي موجودگي ۾ افغان وفد ان بنيادي مسئلي جي سنگيني کي تسليم ڪيو، جڏھن تہ ڪابل مان ملندڙ ھدايتن بعد افغان طالبان جو وفد موقف تبديل ٿيندو رھيو.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ ڪابل مان ملندڙ ھدايتون ڳالھيون بنا نتيجي ختم ٿيڻ جو سبب بڻيون، باخبر ذريعن ٻڌايو آھي تہ پاڪستان ۽ ميزبان ڌر اڃا بہ سنجيدگي سان ان معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن
ذريعن موجب اڃا بہ آخري ڪوشش جاري آھي تہ طالبان جي ھوڏ باوجود معاملا ڳالھين ذريعي حل ڪيا وڃن.