دنيا جي سڀ کان وڏي ايِ ڪامرس ڪمپني ايمازون 14 ھزار ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
برطانوي ميڊيا موجب ايمازون سومر تي تصديق ڪئي تہ ھو پنھنجي ڪارپوريٽ شعبي ۾ 14 ھزار ملازمتون ختم ڪري رھي آھي.
ڪمپني موجب ھٿرادو ذهانت (اي آءِ) جي وڌندڙ ڪردار سبب، ان کي وڌيڪ اثرائتي ۽ گهٽ سطح وارن ڍانچن ۾ شامل ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيئن نون موقعن مان مڪمل فائدو حاصل ڪري سگهجي.
پھريان چيو پيو وڃي تہ ڪمپني 30 ھزار تائين ملازمن کي فارغ ڪري سگھي ٿي
ايمازون جي سينيئر نائب صدر بيٿ گيلٽي ملازمن جي نالي ھڪ نوٽ ۾ لکيو تہ ان فيصلي جو مقصد ڪمپني کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وسيلن کي ان شعبن ۾ منتقل ڪرڻو آھي جيڪي ڪمپني ۽ صارفين جي موجودہ ۽ مستقبل لاءِ وڌيڪ اھم آھن.
ان جو چوڻ ھو تہ ھٿرادو ذھانت انٽرنيٽ کانپوءِ سڀ کان وڏي تبديلي جو سبب بڻجي رھي آھي، ان جددت ۽ ڪم جي رفتار کي بي مثال حد تائين وڌايو آھي، ان لاءِ ڪمپني کي ضرورت آھي تہ ھو وڌيڪ اختيارن واري ڍانچي ۾ تبديل ٿئي جيئن پنھنجي صارفين ۽ ڪاروبار لاءِ وڌ کان وڌ تيزي سان ڪم ڪري سگھن.
نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ ڪمپني ملازمن جي مدد لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، جن جي ملازمت متاثر ٿي رھي آھي، جيترو ممڪن ھوندو انھن کي ڪمپني اندر ئي نيون ذميواريون ڏنيون وينديون ۽ جن لاءِ ايئن نہ ٿي سگھندو انھن کي اسپيشل پيڪج ۽ مدد فراھم ڪئي ويندي.
واضح رھي تہ ايمازون جا سموري دنيا ۾ گودامن ۽ آفيسن ۾ مجموعي طور تي 15 کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪندا آھن.