لاھور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان پناھگيرن سميت ڪنھن بہ پرڏيھي کي گھر يا دڪان ڀاڙي تي ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت ھيٺ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ھن گھر، دڪان، فيڪٽري، ھوٽل يا پيٽرول پمپ ڀاڙي ڏيڻ بابت رپورٽ طلب ڪئي ۽ غيرقانوني طور ترسيل افغان پناھگيرن جي نشاندھي لاءِ مسجد ۾ اعلان ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي.
تپيدار ۽ ايس ايڇ اوز کي پرڏيھين کي ڏنل ملڪيت جي رپورٽ ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو، سمورن ضلعن ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيھين بابت فيلڊ سروي ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو ۽ وزٽ ويزا يا غيرقانوني طور پاڪستان ۾ داخل ٿي ملازمت ڪندڙ غيرملڪين خلاف قانوني ڪارروائي جو بہ فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ غيرقانوني طور ملازمت ڪندڙ افغان شھرين کي قانوني ڪارروائي کي منھن ڏيڻو پوندو.
اجلاس دوران بريفنگ ڏني وئي تہ خانيوال ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان شھرين کي جڳھ ڀاڙي تي ڏيڻ تان 5 ڪيس داخل ٿيا، صوبي جي سمورن ضلعن ۾ افغان شھرين لاءِ 45 ھولڊنگ سينٽر قائم ڪيا ويا آھن، غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي رھائش، کاڌو ۽ طورخم بارڊر تائين سفري سھولت ڏني پئي وڃي..