وزيراعظم سعودي ولي عھد جي دعوت تي 3 ڏينھن جي دوري تي سعودي عرب روانو

فہرستِ مضامین

وانو ٿيوويو آھي وفد ۾ شامل آھي.اقاتن ۾ گڏيل دلسچپي جي عالمي ۽ علاقائي معاملن تي بہ ڳالھيون ٿينديون.، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ٻين شعوزيراعظم شھباز شريف فيوچر انويسٽمنٽ انيشيٽو جي نائين ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي دوري تي روانو ٿي ويو آھي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ بہ وفد ۾ شامل آھي.

سعودي ولي عھد محمد بن سلمان جي خاص دعوت تي وزيراعظم شھباز شريف فيوچر انويسٽمنٽ انيشيٽو جي نائين ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ رياض روانو ٿيو.

رياض ۾ ٿيندڙ فيوچر انويسٽمنٽ انيشيٽو ۾ عالمي اڳواڻ، سيڙپڪار، پاليسي ساز ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻھو شرڪت ڪندا، وزيراعظم شھباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، جتي ھو پائيدار ترقي، اقتصادي شموليت، جدت ۽ عالمي جغرافيائي سياست ۾ تبديلي تي ٿيندڙ گفتگو ۾ پاڪسان جو موقف پيش ڪندو.

وزيراعظم شھباز شريف پنھنجي دوري دوران سعودي قيادت سان ملاقاتون بہ ڪندو، جنھن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سھڪار کي وڌائڻ جي حوالي سان ڳالھيون ٿينديون، ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علاقائي معاملن تي بہ ڳالھيون ٿينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں