پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاھڻ لاءِ سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي لاءِ پيپلز پارٽي ميمبرن جي حمايت جي سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آھي

تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير فارورڊ بلاڪ جي 9 وزيرن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي، پي ٽي آءِ  آزاد ڪشمير جي 5 وزيرن فريال ٽالپر ۽ چوڌري رياض سان ملاقات ڪئي،  جنھن ۾ اڳواڻن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، شامل ٿيندڙن ۾ چوڌري ياسر، محمد حسين، چوڌري محمد اخلاق، چوڌري ارشد ۽ چوڌري محمد رشيد شامل آھن.

ان کانسواءِ  پي ٽي آءِ فارورڊ بلاڪ جي وڌيڪ چئن وزيرن فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي، انھن ۾ فھيم اختررباني،عبدالماجد خان، محمد اڪبر ابراھي، ۽ عاصم شريف بٽ شامل آھن.

فريال ٽالپر نون شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي آجيان ڪئي، انھن تي اعتماد جو اظھار ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ھميشہ آزاد ڪشمير جي عوام جي سچي نمائندي رھي آھي، سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ جدوجھد جاري رھندي.

جڏھن تہ آزاد ڪشمير جي ھائير ايجوڪيشن جو وزير ظفر اقبال ملڪ بہ پيپلز پارٽي ۾  شامل ٿي ويو آھي، ان بہ فريال ٽالپر ۽ چوڌري رياض سان ملاقات دوران شموليت جو اعلان ڪيو

جنھن کانپوءِ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي اسيمبلي ميمبرن جو انگ 27 ٿي ويو آھي.

ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آھي تہ ن ليگ جي حمايت کانسواءِ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاھيندي

ذريعن موجب فريال ٽالپر جي قيادت  ۾ پيپلز پارٽي حڪومت سازي جي قدمن کي حتمي شڪل ڏئي رھي آھي، امڪاني حڪومت سازي جي فيصلو اڄ يا صبح ٿيڻ جو امڪان آھي.

ان کانسواءِ بئريسٽر سلطان محمود گروپ بي اعتمادي لاءِ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں