صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شھباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاھڻ واري فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو آھي.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ شھباز شريف آزاد ڪشمير جي معاملن بابت ن ليگ جي ڪميٽي کي پيپلزپارٽي سان ڳالھين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آھي.
ڪميٽي جو سربراھ احسن اقبال آھي، ميمبرن ۾ راڻا ثناءُ اللہ ۽ امير مقام شامل آھن، پيپلزپارٽي سان ڳاليھن کان پھرين ڪميٽي مسلم ليگ آزاد ڪشمير سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آھي.
وزيراعظم پيپلزپارٽي جي حمايت ڪرڻ يا نہ ڪرڻ بابت وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراھي ۾ ڪميٽي ٺاھي آھي.
ياد رھي تہ آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ جي پارلياماني ڪميٽي پھريان ئي اپوزيشن ۾ ويھڻ جواعلان ڪري چڪي آھي، پ پ ، ن ليگ جي حمايت سان آزاد ڪشمير ۾ پنھنجو وزيراعظم آڻڻ چاھي ٿي، پر جيڪڏھن ن ليگ راضي نہ ٿي تہ پيپلزپارٽي فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن سان رابطو ڪندي .