راولپنڊي جي وڪيل ماہ نور عمر سينيٽري پيڊز ٽيڪس ختم ڪرائڻ لاءِ عدالت پھچي وئي

فہرستِ مضامین

راولپنڊي جي 25 ورھين جي وڪيل ماہ نور عمر سينيٽري پيڊز تي 40 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آھي، جنھن ۾ حڪومت جي پاليسي کي چئلينج ڪيو ويو آھي.

ماه نور هن ٽيڪس کي “پيريڊ ٽيڪس” جو نالو ڏنو آهي.

پاڪستان ۾ مقامي سينيٽري پيڊز تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۽ درآمد ٿيل پيڊز يا انهن جي ڪچي مال تي 25 سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي لڳي ٿي، ماه نور جو چوڻ آهي ته اهڙا قانون عورتن جي برابري، وقار ۽ سماجي انصاف جي حق جي ابتڙ آهن

وڪيل ماه نور ٻڌايو ته کيس اڄ به اهو لمحو ياد آهي، جڏهن اسڪول ۾ ماهواري اچڻ دوران سينيٽري پيڊ سان واش روم وڃڻ تي اهڙو احساس ٿيندو هو ڄڻ ڪو وڏو ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي.

هوءَ چوندي آهي تہ مان پنهنجو پيڊ لڪائيندي هئس، ڄڻ منشيات کڻي وڃي رھي آھيان.

ماه نور موجب جيڪڏهن ڪو ان بابت ڳالهائيندو هو ته استاد يا تہ مذاق اڏائيندا هئا يا ڳالهائڻ کان روڪيندا هئا.

ماہ نور موجب ساڻس گڏ پڙھندڙ سھيلي ٻڌايو تہ سندس ماءُ سينيٽري پيڊز کي پيسن جو ضايع سمجهندي آھي

ماه نور چيو تڏهن مونکي احساس ٿيو تہ جيڪڏهن وچولي طبقي جا ماڻهو اهڙو سوچي سگهن ٿا ته پوءِ غريب ۽ پٺتي پيل عورتن لاءِ اهي شيون ڪيتريون ڏورانهين هونديون.

قانوني محاذ تي قدم

پاڪستان ۾ 1990ع جي سيلز ٽيڪس ايڪٽ تحت مقامي پيڊز تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ۽ درآمد ٿيل پيڊز تي 25 سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو آهي، يونيسيف موجب مجموعي طور هي ٽيڪس لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو بڻجي ٿو

ماه نور جي درخواست موجب، هي ٽيڪس عورتن سان امتيازي سلوڪ آهي ۽ آئين تحت ڏنل برابري ۽ سماجي انصاف جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو.

عام عورتن جي پھچ مشڪل

پاڪستان ۾ اڪثر خاندانن لاءِ ماهواري اڃا تائين هڪ منع موضوع آهي. سينيٽري پيڊز جي 10 ٽڪرن واري پيڪ جي قيمت لڳ ڀڳ 450 رپيا آهي، جيڪا گهٽ آمدني وارن خاندانن لاءِ مهانگي آهي.

يونيسيف ۽ واٽر ايڊ جي رپورٽ موجب، صرف 12 سيڪڙو پاڪستاني عورتون تجارتي پيڊ استعمال ڪنديون آهن، باقي عورتون ڪپڙا يا ٻيا متبادل استعمال ڪنديون آهن، جنهن سبب صحت جا مسئلا وڌي ويندا آهن.

سماجي اثر

پنجاب جي شهر اٽڪ سان تعلق رکندڙ بشريٰ ماہ نور ماهواري جسٽس  نالي تنظيم قائم ڪئي، جيڪا عورتن ۾ آگاهي پکيڙي رهي آهي.

هوءَ چوندي آهي، مان ڏهه سال جي هئس جڏهن پهريون ڀيرو ماهواري آئي، مونکي نه خبر هئي ته پيڊ ڪيئن استعمال ڪجي، ڪو سمجهائڻ وارو نه هو.

بشريٰ ٻڌائي ٿي، ڪنهن به مونکي پيڊ استعمال ڪرڻ جو طريقو نه ٻڌايو، مان ان کي الٽو لڳائي ڇڏيو، جنهن سبب گهڻي تڪليف ٿي

بشريٰ ماهنور موجب، اسڪول ۾ پڻ شرم جو عنصر نمايان هوندو هو، هڪ ڀيرو استاد هڪ ڇوڪري کي ٻن ليڪچر لاءِ بيهاري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته سندس يونيفارم تي داغ لڳو هو،

2022 جي ٻوڏ دوران، بشريٰ عورتن لاءِ پيريڊ ڪٽس ورھايون، جن ۾ پيڊ، صابڻ، اندروني ڪپڙا ۽ سور گهٽائڻ واريون دوائون شامل هيون

ان موجب، جڏهن توهان لفظ ‘ماهواري’ بلند آواز ۾ چوندا آهيو، ته توهان سيکاريو ٿا ته اها شرم جي ڳالهه ناهي، رڳو زندگي جو هڪ حصو آهي

2023 جي هڪ تحقيق موجب، آٺ مان آٺ ڇوڪريون حیض بابت ڳالهائڻ ۾ شرمندگي محسوس ڪن ٿيون، ۽ ٻه ٽئين ڇوڪريون صرف حیض شروع ٿيڻ بعد ئي ان بابت سکڻ ٿيون، ان لاعلمي جي سبب، حفظانِ صحت جي گهٽتائي، اسڪول ۾ غير حاضري، ۽ سماجي بدنامي پيدا ٿئي ٿي.

معاشي رنڊڪون

دستڪ فائونڊيشن جي باني حرا امجد موجب، وڌيڪ تر خاندانن ۾ مرد مالي فيصلا ڪن ٿا، جڏهن پيڊ مهانگا هوندا آهن ته عورتن لاءِ انهن تي خرچ ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو

هڪ تحقيق موجب، پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون سينيٽري پيڊ خريد ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن، جيڪڏهن ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، ته اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي حاضري ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي.

قانوني جدوجھد

ماه نور لاءِ هي ڪيس صرف قانوني چيلينج ناهي، پر عورتن جي حقن لاءِ هڪ بيانيو پڻ آهي.

ان جي جدوجهد حیضي برابري جي وڌندڙ ضرورت کي ظاهر ڪري ٿي، جيئن عورتن جي صحت جي ضرورتن کي بنيادي حق سمجهيو وڃي

ماه نور عمر جو چوڻ آهي ته عورتن جي حقن لاءِ سندس جدوجهد اسڪول جي زماني کان شروع ٿي، 16 سالن جي عمر ۾ هن اسلام آباد جي غريب علائقن ۾ عورتن لاءِ “ڊيگنيٽي ڪٽس” تيار ڪرڻ شروع ڪيا.

هاڻي ھو لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ لا ڪلرڪ طور ڪم ڪري رهي آهي، سندس وڪيل احسن جهانگير خان موجب، هي رڳو ٽيڪس جو معاملو ناهي، پر انصاف جو سوال آهي، هي حياتياتي عمل تي ٽيڪس آهي.

عالمي مثال

ڀارت، نيپال ۽ برطانيه اڳ ۾ ئي پنهنجو پيريڊ ٽيڪس ختم ڪري چڪا آهن، ڀارت ۾ هي فيصلو ڪارڪنن جي ڪيترن مهينن جي جدوجهد کان پوءِ ڪيو ويو.

سچي سهيلي تنظيم جي باني سربهي سنگھ موجب، هي قدم عورتن کي تعليم ۽ روزگار ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ضروري هو.

(اهو انصاف جو احساس آهي)

ماه نور جا والدين شروعات ۾ هن جي عدالت وڃڻ تي لوائيندا ، پر هاڻي هوءَ هن تي فخر ڪن ٿا.

ماه نور چوي ٿي سندس لاءِ ھي ڪيس رڳو قانوني ناھي پر وقار ۽ انصاف جي جدوجھد آھي، جڏھن ان بابت سوچي ٿي تہ عدالت نہ پر انصاف جو احساس ذھن ۾ اچي ٿو.

پاڪستان ۾ ماهواري جي شين تي ٽيڪس عورتن لاءِ معاشي ۽ سماجي رنڊڪ بڻجي چڪو آهي، ماه نور عمر ۽ ٻين ڪارڪنن جي ڪوشش اها آهي ته هي ٽيڪس ختم ڪئي وڃي، جيئن عورتن جي صحت، وقار ۽ برابري جي حق کي تسليم ڪيو وڃي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں