افغان طالبان سان ڳالھين ذريعي معاملا طئي نہ ٿيا تہ پوءِ افغانستان سان کليل جنگ آھي: خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

دفاع واري وفاقي وزير خواجہ آصف چيو آھي تہ جيڪڏھن افغان طالبان سان ڳالھين ذريعي معاملا طئي نہ ٿيا تہ پوءِ افغانستان سان کليل جنگ آھي.

سيالڪوٽ ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اسان جي فوج ۽ پوليس پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي رھي آھي، اسين ۽ اوهان انهيءَ ڪري سڪون سان سمهون ٿا جو محافظ جاڳي رهيا هوندا آهن.

ھن چيو تہ اسان 40 سال تائين افغانين جي مهمان نوازي ڪئي، دوحه ۾ جن سان ڳالھيون ٿي رھيون آھن اهي سڀ پاڪستان ۾ جوان ٿيا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايتري مهمان نوازي باوجود افغانستان جو اسان سان اهڙو رويو ڇو آهي، افغانستان اسان جي خلاف ڀارت جي پروڪسي طور ڪم ڪري رهيو آهي.

خواجه آصف جو چوڻ هو تہ افغان مهاجرن روزگار ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي رڳو هڪ ايجنڊا هجڻ گهرجي تہ اسان اخوت سان، پاڙيسري طور تي گڏ رهو، گذريل 4-5 ڏينهن کان ڪو واقعو پيش نه آيو آهي، جيڪڏهن ڳالھين سان معاملا حل نه ٿيا ته پوءِ افغانستان سان اسان جي کليل جنگ آهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں