پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالھين جو ٻيو دور استنبول ۾ جاري

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالھين جو ٻيو دور استنبول ۾ جاري آھي.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ افغانستان جي وفدن وچ ۾ ڳالھيون استنبول جي مقامي ھوٽل ۾ ٿي رھيون آھن، جن جي ميزباني ترڪيہ جون اعليٰ اختياريون ڪري رھيون آھن.

ذريعن موجب پاڪستان پاران 2 رڪني وفد ڳالھين ۾ شريڪ آھي، جڏھن تہ افغانستان طرفان نائب گھرو وزير رحمت اللہ مجيد وفد جي قيادت ڪري رھيو آھي.

ذريعن موجب ڳالھين ۾ قطر ۾ افغان سفارتخاني جو وقتي سربراھ، افغان گھرو وزير جو ڀاءُ انس حقاني، نور احمد نور، دفاع واري وزارت جو عھديدار نور الرحمان نصرت ۽ افغان حڪومت جي پرڏيھي کاتي جو ترجمان بہ شامل آھي.

ذريعن موجب ڳالهين ۾ هڪ ميڪينزم ٺاھيو پيو وڃي جنهن ۾ دهشتگردي جي حوالي سان مانيٽرنگ شامل آهي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو تہ پاڪستاني عملدار ڳالهين لاءِ تجويزون وٺي ويا آھن، جن ۾ افغانستان مان پاڪستان تي دهشتگرد حملا، انهن جي نگراني ۽ ان سلسلي ۾ ميڪينزم کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش شامل آهي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں