اسلام آباد ۾ لائيف اسٽائل ميڊيسن جي ڇهين عالمي ڪانفرنس جي شروعات ٿي وئي.
لائيف اسٽائل ميڊيسن جي ڇهين عالمي ڪانفرنس جي شروعات اسلام آباد جي هاءِ لينڊ ڪنٽري ڪلب اينڊ ريزورٽ ۾ ٿي آھي.
هي ڪانفرنس پاڪستان جي صحت واري نظام ۾ بيمارين کان اڳواٽ بچاءَ، همدرديءَ ۽ پائيدار رخ ڏانهن آڻڻ جي سفر ۾ هڪ اهم قدم آھي.
ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس پاڪستان ايسوسيئيشن آف لائيف اسٽائل ميڊيسن ۽ رفاه انسٽيٽيوٽ آف لائيف اسٽائل ميڊيسن جي گڏيل سھڪار سان منعقد ٿي رهي آهي.
ڪانفرنس ۾ڏيھي توڙي پرڏھي ماهرِ صحت، محقق، ڊاڪٽر ۽ پاليسي ساز شرڪت ڪري رھيا آهن، جيڪي اهڙن سائنسي ۽ عملي طريقن تي ڳالھائي رھيا آھن.
اختيارين موجب انھن سائنسي طريقن سان موت جو وڏو سبب بڻيل بيمارين کي روڪي، گهٽائي ۽ ختم به ڪري سگهجي ٿو۔
افتتاحي تقريب جا خاص مهمان وفاقي وزيرِ صحت سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ پاڪستان ميڊيڪجل اينڊ ڊينل ڪائونسل جو صدر ڊاڪٽر رضوان تاج ھئا، جڏهنتہ صحت واري عالمي اداري، يونيورسٽين ۽ مختلف طبي ادارن جا نمائندا به موجود هئا۔
ڊاڪٽر بيث فريٽس پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ لائيف اسٽائل ميڊيسن ڪو متبادل نظام نه پر پائيدار صحت جي بنياد آهي، سائنس، همدردي ۽ تعاون جي ميلاپ سان اسين اهڙو صحت جو نظام ٺاهي سگهون ٿا، جيڪو انسانن کي ڊگهي، صحتمند ۽ بامقصد زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي ٿو.
وفاقي وزيرِ صحت سيد مصطفيٰ ڪمال پنهنجي تقرير ۾ چيو ته لائيف اسٽائل ميڊيسن جو فلسفو هن جي دل جي ويجهو آهي۔
ھن چيو تہ اسان کي بيماري جي علاج بدران بيماريءَ کان بچاءَ ۽ صحت جي واڌاري ڏانهن وڌڻو پوندو، لائيف اسٽائل ميڊيسن اسان کي هڪ صحتمند قوم بڻجڻ جو واضح رستو ڏيکاري ٿي.
ڪانفرنس دوران “هول پرسن اپروچ” جي سري هيٺ سائنس ۽ انسانيت جي ڀلائيءَ کي گڏ ڪيو ويو آهي.
هول پرسن اپروچ تحت ٻوٽن تي ٻڌل خوراڪ، مراقبي ۽ ذهني سڪون جا سيشن، ڊجيٽل هيلٿ، ننڊ ۽ رويي ۾ تبديليءَ بابت بحث شامل آهن.
پروگرام ۾ غذائيت، جسماني سرگرمي، جذباتي مضبوطائي ۽ سماجي لاڳاپن کي هڪ صحتمند سماج جا بنيادي ٿنڀ طور اجاگر ڪيو پيو وڃي۔
ڪانفرنس دوران آمريڪا، برطانيا، گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيل ماڻھو تحقيق، تربيت ۽ طبي تعليم جي واڌاري لاءِ گڏيل همڪاري ڪري رهيا آهن۔
ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي پڌرائي جاري ڪيو ڪئي ويندي، جنهن ۾ سفارش ڪئي ويندي ته لائيف اسٽائل ميڊيسن کي بنيادي صحت جي نظام، پاليسي سازي ۽ طبي نصاب جو حصو بڻايو وڃي۔
ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي هڪ خاص گالا ڊنر ۽ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ سماجي همدردي، باهمي لاڳاپن ۽ فلاح جي جذبن کي وڌائڻ وارن شرڪت ڪندڙن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويندو
آر آءِ ايل ايم جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شگفته فيروز چيو تہ ھي رڳو هڪ ڪانفرنس نه، پر هڪ تحريڪ آهي، اهڙو ماڊل جيڪو صحت کي انسان ۽ سماج جي باهمي رشتن سان ڳنڍي ٿو۔ ھن چيو تہ اسان چاهيون ٿا ته سڀئي شرڪت ڪندڙ پنهنجي پنهنجي حلقه اثر ۾ تبديليءَ جا نمائندا بڻجن.