وفاقي حڪومت، مذھبي جماعت ٽي ايل پي تي پابنديءَ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آھي تہ حڪومت سمجھي ٿي تہ تحريڪ لبيڪ پاڪستان دھشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث آھي، ٽي ايل پي کي فرسٽ شيڊول تحت دھشتگرد جماعتن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ وفاقي گھرو وزارت ٽي ايل پي کي دھشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ڪالعدم جماعت قرار ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو ٻين ادارن کي بہ اماڻيو ويو آھي.
نوٽيفڪيشن موجب گھرو وزارت دھشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏنو آھي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تہ وفاقي حڪومت سمجھي ٿي تہ ڪالعدم ٽي ايل پي دھشتگردي ۾ ملوث آھي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي فرسٽ شيڊول تحت دھشتگرد جماعتن جي فھرستن ۾ بہ باضابطہ طور شامل ڪيو ويو آھي.
واضح رھي تہ گذريل ڏينھن وزيراعظم شھباز شريف جي صدارت ھيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي سفارش تحت ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏني وئي ھئي.
وفاقي ڪابينا، گھرو وزارت کي ٽي ايل پي تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ ضابطي جا قدم کڻن جي ھدايت ڪئي ھئي، جنھن بعد اڄ باضابطہ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
قانوني ماھرن موجب، ڪنھن بہ جماعت تي پابندي لاءِ حڪومت کي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس لازمي داخل ڪرڻو پوندو.