وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ افغان طالبان ڀارت جي چرچ تي حملو ڪيو، سندن صبر جواب ڏئي ويو جنھن کانپوءِ مجبور ٿي افغانستان ۾ خارجين خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي، جيڪڏھن افغان حڪومت سنجيدہ آهي ته پوءِ جنگبندي جي معاملي کي اڳتي وڌائي، رڳو وقت وٺڻ لاءِ جنگبندي قبول نہ آهي.
ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ پاڪستان ۽ افغانستان جي ڊگھي سرحد آھي، پاڪستان ڀائيچاري جي رشتي کي قائم رکيو، افغانستان مان پاڪستان ۾ دھشتگردي جاري آھي، افغان حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا سمجھائڻ ڪوشش ڪئي آھي پر بدقمستي سان سندن ڪوششن باوجود افغان حڪومت امن کي ترجيح نہ ڏني.
ھن چيو تہ افغانستان ڀارت جي چرچ تي پاڪستان تي حملو ڪيو ويو، جنھن تي صبر جواب ڏئي ويو ۽ مجبوري ۾ جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي، فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ فوج خارجين کي ڀرپور جواب ڏنو، جڏھن پاڪستان تي حملو ٿيو تہ ان وقت افغان پرڏيھي وزير دھلي ۾ ويٺل ھو
ھن چيو تہ افغانستان دھشتگردن کي کلي ڇوٽ ڏني آھي، ڊگھي مدي واري جنگبندي ھجي، رڳو وقت حاصل ڪرڻ لاءِ عارضي جنگبندي منظور نہ آھي.
وزيراعظم جو چوڻ ھو تہ افغان حڪومت سان ڀائيچاري جو رشتو قائم رکڻ چاھيون ٿا ۽ افغان حڪومت سان جائز شرطن تي ڳالھيون ڪنداسين.
ھن چيو تہ جيڪڏھن افغان حڪومت سنجيدہ آھي تہ جنگبندي جي ڪيل درخواست کي اڳتي وڌائي، قطر ان معاملي ۾ سنجيدگي سان ڪوششون وٺي رھيو آھي
وزيراعظم چيو تہ فتنہ الخوارج جو خاتمو چاھيون ٿا ۽ خواھش آھي تہ افغانستان خارجين جي آماجگاہ نہ بڻجي، پاڪستان محدود وسيلن باوجود افغان ڀائرن جي ميزباني ڪئي، 40 لک افغاني ڪيترن ئي ورھين کان پاڪستان ۾ ترسيل آھن، افغان ڀائرن لاءِ جيڪو ڪجھہ ڪيو اھو فرض سمجھي ڪيو پر تازي واقعن کانپوءِ سندن صبر جواب ڏئي ويو آھي.