وزيراعظم شھباز شريف ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آھي.
رابطي ۾ وزيراعظم شھباز شريف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي کي وڏو وزير ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون.
وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ پاڪستان جي مفاد ۾ وفاق اوھان سان گڏجي ھلڻ لاءِ تيار آھي.
ٻئي پاسي راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ وزيراعظم شھباز شريف جا ٿورا مڃيا ٿيو جنھن مبارڪباد ڏني.
سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ ھن وزيراعظم کي ٻڌايو تہ ڪي پي ساڍا ڪروڙ عوام جو صوبو آھي، وزيراعظم کي چيو تہ کيس پنھنجي ليڊر سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.