سيڪيورٽي فورسز فتنہ الخوارج جي جنگبندي جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي ناڪامي بڻائيندي 45 کان 50 خارجين کي ماري ڇڏيو آھي.
ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز ڪي پي جي ضلعي مھمند ۾ خارجين جي داخل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي، پاڪ فوج ڪامياب ڪارروائي ڪندي 45 کان 50 خارجين ماري ڇڏيو آھي، ڪارروائي دوران ڪيترائي خارجي زخمي بہ ٿيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب مھمند ۾ آپريشن ڳجھي اطلاع تي جي بنياد تي ڪيو ويو ، آپريشن ۾ خارجين جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي تہ پاڪ فوج جو ڪليئرنس آپريشن جاري آھي، جڏھن تہ آپريشن سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ جاري آھي.
ان کان اڳ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 34 دهشتگرد ماريا ويا هئا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون، جن دوران مختلف چڪرين ۾ 34 دهشتگرد مارجي ويا.
ياد رھي تہ گذريل ڏينهن افغانستان ۾ طالبان ۽ فتنہ الخوارج جي ٿاڪن تي ٽارگيٽيڊ ڪاررواين ۾ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا هئا، جن کانپوءِ افغان طالبان جي درخواست تي شام 6 وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي جنگبندي جو فيصلو ڪيو ويو هو.