آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ صلاحڪار جو چوڻ آهي ته غزه ۾ وڏي پيماني تي ٿيل تباهي سبب قيدين جا لاش ڳولڻ ۽ ڪڍڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا.
حماس 28 يرغمالين مان 9 جا لاش اسرائيل کي واپس ڪري چڪو آهي. فلسطيني تنظيم جو چوڻ آهي ته انهن کي غزه جي تباه ٿيل ملبي مان وڌيڪ لاش ڪڍڻ لاءِ خاص اوزارن جي ضرورت پوندي ۽ هن ڪم ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.
يرغمالين جا لاش واپس اچڻ ۾ دير جي ردعمل ۾ اسرائيل غزه ۾ امداد جي فراهمي محدود ڪري ڇڏي آهي. بهرحال، آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٻن صلاحڪارن جو چوڻ آهي ته غزه کي غير فوجي علائقو بڻائڻ ۽ اتي عبوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
انهن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته آمريڪي حڪومت نه ٿو سمجهي ته حماس وڌيڪ لاشون ڪڍڻ ۾ دير ڪري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
انهن جو چوڻ آهي ته حماس سڀني زندہ يرغمالين کي واپس ڪري نيڪ نيتي جو ثبوت ڏنو آهي ۽ ٻين يرغمالين جي باقيات ڳولڻ لاءِ گڏ ڪم ڪري رهي آهي.
ٽرمپ جي هڪ سينيئر صلاحڪار جو چوڻ هو ته غزه ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي، انهيءَ کي نظر ۾ رکندي لاش ڳولڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا.